ملتان سلطانز، لاهور قلندرز کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي: پي ايس ايل 6 جي ستين ميچ ۾ ملتان سلطانز لاهور قلندرز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيل پاڪستان سپر ليگ جي ستين ميچ ۾ ملتان سلطانز لاهور قلندرز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ملتان جي ٽيم لاهور جو 158 رنسن جو هدف 16.2 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو.
لاهور قلندرز جي 158 رنسن جي پيڇو ڪندي ملتان سلطانز طرفان اننگز جي شروعات محمد رضوان ۽ ڪرس لن ڪئي پر ڪرس لن رنس ٺاهڻ کان سواءِ پويلين موٽي ويو جڏهن ته ون ڊائون ايندڙ جيمس وينس به رڳو 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان هڪ ڀيرو جارحاڻي ۽ ذميواراڻي اننگز جو مظاهرو ڪندي صحيب مقصود سان گڏ 110رنسن جي ڀائيواري ڪئي جنهن کان پوءِ محمد رضوان 76 رنسون اسڪور ڪري آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته صهيب مقصود ٻن وڪيٽن تي ڄمي بيٺو ۽ رڳو 41 بالن تي 61 رنسون جي اننگز کيڏي جنهن سبب ملتان جي ٽِيم 158 رنسن جو هدف 16.2اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو.
ان کان اڳ ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته سهيل خان، شاهنواز ۽ ڪارلوس ڀريٿ ويٽ پاور پلي ۾ بيڪار بالنگ ڪئي جنهن جي ڪري لاهور قلندرز ٻه وڪيٽون وڃائي رڳو 25 رنسون ٺاهي سگھي.
فخر زمان 9 رنسون اسڪور ڪرڻ بعد شاهنواز ڏاهاڻي جو شڪار ٿيو ۽ ڪپتان سهيل اختر جي وڪيٽ 7 رنسن تي ڪارلوس بريٿ ويٽ جي حصي ۾ آئي پر پنهنجي ڪيريئر جي بهرين فارم ۾ نظر ايندڙ محمد حفيظ پنهنجو جارحاڻو انداز جاري رکندي 26 بالن تي اڌ سينچري اسڪور ڪئي.
پي ايس ايل 6 ۾ پنهنجي ميچ کٽيندڙ جوئي ڊين لي به شروعاتي وڪيٽون جلد ڪِرڻ کان پوءِ ذميواري جو مظاهرو ڪندي اسڪور بورڊ کي اڳتي وڌايو پر هو 31 رنسن تي وڪيٽ وڃائي ويٺو ۽ بين ڊنگ رڳو هڪ رنس جو مهمان ثابت ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔