پنجاب ۾ سينيٽ جا سمورا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب

لاهور: پنجاب ۾ سينيٽ جا سمورا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، اليڪشن ڪميشن پنجاب موجب ٽيڪنوڪريٽ ۽ جنرل سيٽن تي پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جا 5-5 ۽ ق ليگ جي هڪ اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، ڪامياب ٿيندڙن ۾ اعظم نذير تارڙ، سيد علي ظفر،ڊاڪٽر زرقا، سعديه عباسي،ساجد مير، عرفان الحق صديقي، اعجاز چوڌري، عون عباس ۽ ق ليگ جو ڪامل آغا به ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته سيف الله سروي نيازي، مشاهد الله جو خان پٽ افنان الله خان به بنا مقابلي پنجاب جا سينيٽر چونڊجي ويا آهن، عظيم الحق منهاس ۽ سيف الملوڪ کوکر پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔