لياقت جتوئي خصوصي معاون شهباز گِل کي نفسياتي قرار ڏئي ڇڏيو

دادو: پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي، وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گِل کي نفسياتي قرار ڏئي ڇڏيو، نيب سٽيل سڏڻ تي کيس نوٽيس اُماڻڻ جو اعلان، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي لياقت جتوئي چيو آهي ته سيف الله ابڙو اسان جي اڳيان اعتراف ڪيا ته ڪنهن ڪنهن کي بنگلا وٺي ڏنا، سندس خلاف ثبوت عدالت ۾ پيش ڪنداسين، قانوني نوٽيسز کان ڀڄڻ وارا نه آهيون، پي ٽي آءِ ۾ شامل 12 کان 14 اليڪٽيبلز اسان سان گڏ آهن، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اجلاس ڪوٺائي اڳتي جو لائحه عمل جوڙينداسين، پي ٽي آءِ پارٽي پاليسي خلاف بيان ڏيڻ تي لياقت جتوئي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، هفتي اندر وضاحت طلب، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته لياقت جتوئي سنڌ ۾ ضابطن بابت جُڙيل ڪميٽي آڏو وضاحت پيش، هفتي اندر وضاحت نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪميٽي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔