يوسف رضا گيلاني جي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سان ملاقات

لاهور: سينيٽ چونڊن لاءِ اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جي گڏيل اُميدوار يوسف رضا گيلاني جي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سان ملاقات، يوسف رضا گيلاني لاهور جي احتساب عدالت پهچي شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سينيٽ چونڊن سوڌو ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته حڪمرانن کي سرپرائيز ملي ويو آهي، مون کي نااهل قرار ڏيڻ واري ڪوشش ناڪام ٿيڻ بعد حڪومت سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اوپن بيلٽ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، حڪومتي ماڻهن طرفان سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ ۽ پئسي جي استعمال وارو تاثر ڏيڻ جي مذمت ڪريون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔