پارٽيز فيصلو ڪيئن ٿيون ڪري سگهن ته ميمبرز ڪنهن کي ووٽ ڏيندو: چيف جسٽس

اسلام آباد: سياسي مامرن ۾ سمجهوتا ٿيندا آهن، سينيٽ چونڊن ۾ ڪنهن ميمبر کي ووٽ ظاهر ڪرڻ لاءِ مجبور نٿو ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران رضا رباني جا دليل، چيف جسٽس گلزار احمد پڇيو ته ٻڌايو ته سينيٽ چونڊون آئين موجب ٿينديون آهن يا قانون موجب، رضا رباني دليل ڏيندي چيو ته سينيٽ چونڊون آئين جي ارٽيڪل 226 تحت ٿينديون آهن، رضا رباني کانپوءِ پيپلز پارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ دليل ڏيندي چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ مخصوص سيٽس تي اليڪشن نه سليڪشن ٿيندي آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته آئين ۾ استعمال ٿيل لفظ اليڪشن کي غلط نه سڏيو، چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته پارٽيز فيصلو ڪيئن ٿيون ڪري سگهن ته ميمبرز ڪنهن کي ووٽ ڏيندو، ڇا پارٽيز وٽ اجلاسن جا منٽس هوندا آهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔