ڄام مهتاب ڏهر ۽ سندس ويجهي ساٿي غلام نبي چاچڙ ۾ اختلاف تيز

ڏهرڪي: اڳوڻي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر ۽ سندس ويجهي ساٿي غلام نبي چاچڙ ۾ اختلاف وڌي ويا، غلام نبي چاچڙ جو چوڻ هو ته 2018 جي اليڪشن ۾ شهريار شر کان هارائڻ بعد ڄام مهتاب ڏهر اسان تي ڏمرجي پيو، اليڪشن کانپوءِ هٿ وٺي بدامني ڪرائي وئي ته جيئن شهريار شر تي الزام لڳن، غلام نبي چاچڙ موجب پ پ جو پراڻو ورڪر آهيان، ڄام مهتاب مون کي اغوا جا ڪوڙا الزام لڳائي رهيو آهي، اڳوڻي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر خلاف پراڻو سياسي وڏيرو غلام نبي چاچڙ ميڊيا آڏو پهچي اهم انڪشاف ڪيا آھن، سندس چوڻ آهي ته 2018 واري چونڊن ۾ جڏهن ڄام مهتاب ڏهر شهريار شر کان شڪست کاڌي ته هو اسان تي ڏمرجي پيو ۽ مون تي ڪيس داخل ڪرايا، غلام نبي چاچڙ جو چوڻ آهي ته اليڪشن کان پوءِ ڄاڻي واڻي بدامني ڪرائي وئي ته جيئن الزام شهريار تي لڳن، هن وڌيڪ چيو آهي ته اسان پ پ جا ورڪر آھيون، هاڻي مهتاب ڏهر مون تي اغوا جا الزام هڻائي رهيو آھي، غلام نبي چاچڙ چيو آهي ته ڄام مهتاب ڏهر جي ڪري وڏيون قربانيون ڏنيون پر اها منهنجي غلطي هئي، هاڻي بلاول ڀٽو کي اپيل ڪندس ته اهڙي ماڻهو کي پارٽي کان ڪڍيو وڃي، هي پارٽي کي وڏو نقصان ڏئي رهيو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔