گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس: آءِ جي سنڌ 30 مارچ تي ذاتي حيثيت ۾ طلب

ڪراچي: گم ٿيل شهرين جا وارث ڌڪا کائي رهيا آهن، پر ڪنهن کي پرواهه ئي ناهي، بس گهڻو ٿيو، هاڻ ڪنهن سان ظلم ٿيڻ نه ڏينداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس ۾ 30 مارچ تي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران حراستي مرڪزن بابت رپورٽ پيش نه ٿيڻ تي وفاقي حڪومت مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته ڪهـڙو سبب آهي جو جاچ آفيسر گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه پيا ڪرائي سگهن، آءِ جي سنڌ عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌائي ته گم ٿيل ماڻهو ڇو بازياب نه پيا ٿين، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پڇاڻو ڪيو ته ڇا پي ٽي ايف جِي هدايتن تي عملدرآمد نه ڪندڙ جاچ آفيسرن کي سزا ملي آهي؟، گهرو کاتي جي فوڪل پرسن ٻڌايو ته ڪنهن به جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي ناهي ٿي، عدالت چيو ته اهڙين جي آءِ ٽيز ۽ صوبائي ٽاسڪ فورسز جو ڪهڙو فائدو، جيڪي پنهنجن هدايتن تي عمل نه ڪرائي سگهن: عدالت حراستي مرڪزن بابت وفاقي حڪومت کان 30 مارچ تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔