ڪافي وقت کان ”دي گرل آن دي ٽرين“ جهڙي فلم ڪرڻ پئي چاهي:پرينيتي چوپڙا

ممبئي: تازو بالي وڊڊ فلم ”دي گرل آن دي ٽرين“ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ اداڪاره پرينيتي چوپڙا جي اداڪاري کي ساراهيو پيو وڃي.
فلم گرل آن دي ٽرين 26 فيبروري 2021 تي مشهور اسٽريمنگ سائٽ نيٽ فلڪس تي رليز ڪئي ويندي.
ان حوالي سان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ پرينيتي چوپڙا چيو ته هن فلم جي شوٽنگ جو عمل ڪافي ڏکيو هو.
هن چيو ته مون پنهنجي هدايتڪار کي متاثر ڪرڻ پئي چاهيو، ان وقت تائين سيٽ نه ڇڏيندي هئس جيستائين هن جو شاٽ درست نه اچي.
پرينيتي وڌيڪ چيو ته آئون پنهنجي اندر جي صلاحتن کي اجاڳر نه پئي ڪري سگهيس ۽ ڪافي وقت کان دي گرل آن دي ٽرين جهڙي فلم ڪرڻ ٿي چاهي پر آئون انهن آڇن جي چونڊ ڪندي هئس جيڪي مون وٽ آيون پئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔