راشد خان جو پي ايس ايل ڇهه ۾ سفر پورو ٿيو

لاهور: لاهور قلندر جي اسڪواڊ ۾ شامل افغاني آل رائونڊر زمباوي خلاف سيريز لاءِ يو اي اي روانو ٿي ويو.
راشد خان جو پي ايس ايل 6 ۾ سفر پورو ٿيو، لاهور قلندر جي اسڪواڊ ۾ شامل افغاني آل رائونڊر زمباوي خلاف سيريز لاءِ يو اي اي روانو ٿي ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هو تڪڙو پي ايس ايل ڇڏيو پيو وڃي پر افغانستان ٽيم لاءِ قومي ذميواري نڀائڻي آهي، لاهور قلندرز ۽ پرستارن پاران مليل محبت ۽ ڀرپور سپورٽ تي هو شڪر گذار آهي، انشاء الله آئنده ملاقات ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔