فيس بڪ آسٽريليا ۾ نيوز پيجز بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سڊني: فيس بڪ آسٽريليا ۾ نيوز پيجز بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آسٽريليا ۾ فيس بڪ جي مئنجينگ ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته آسٽريلوي حڪومت سان قانون ۾ ترميم کان پوءِ معاملا طئي ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ آسٽريلين نيوز پيجز ڪجهه ڏينهن ۾ بحال ڪيا ويندا. واضح رهي ته آسٽريليا مجوزه قانون پيش ڪيو هو جنهن جي تحت فيس بڪ کي نيوز پيجز مان حاصل ٿيندڙ آمدني مان آسٽريليا کي به فيس ادا ڪرڻي هئي ۽ فيس بڪ ان قانون تي اعتراض ڪندي نيوز پيجز بند ڪري ڇڏيا هئا. ان قانون تي پنهنجي رد عمل ۾ فيس بڪ سميت ٻين ادارن چيو هو ته اهڙي طرح ته سموري دنيا ۾ هڪ مثال قائم ٿي ويندي جيڪا ان جي ڪاروباري مفادن کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔