ڪورونا وائرس: نظر جو چشمو استعمال ڪندڙ ٻين جي ڀيٽ ۾ گهٽ متاثر ٿيندا آهن: تحقيق

اسلام آباد: صحتمند اکين وارن جي ڀيٽ ۾ نظر جو چشمو استعمال ڪندڙ ماڻهو عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس مان گهٽ متاثر ٿيندا آهن.ان ڳالهه جو انڪشاف هڪ تازي جاچ رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي پکيڙ جو هڪ وڏو سبب هٿن سان چهري ۽ اکين کي هٿ لڳائڻ آهي. تازي تحقيق موجب نظر جو چشمو استعمال ڪندڙ ماڻهو صحتمند اکين وارن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي چهري کي گهٽ هٿ لڳائيندا آهن ۽ پنهنجي اکين کي به گهٽ هٿ لڳائيندا ۽ مهٽيندا آهن.گذريل سال گرمي جي موسم دوران ڀارت جي اسپتال ۾ ڪورونا وائرس تي تحقيق ڪندڙ ريسرچرز 81 عورتن ۽ 223 مردن جي عادتن جو مشاهدو ڪيو هو. مشاهدي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته 10 کان 80 سالن جي عمر جي انهن سمورن ماڻهن ۾ ڪورونا 19 جون نشانيون هيون.مشاهدي دوران ان ماڻهن مان 19 سيڪڙو جو چوڻ هو ته هو لاڳيتو چشمو استعمال ڪري رهيا هئا. تحقيق ۾ اها ڳالهه به ثابت ٿي هئي ته مشاهدي هيٺ ماڻهو هڪ ڪلاڪ ۾ غير ارادي طور تي 23 ڀيرا پنهنجي منهن کي هٿ لڳايو ۽ ان دوران انهن 3 ڀيرا پنهنجي اکين کي به هٿ لڳايو پر اهي ماڻهو جيڪي نظر جو چشمو استعمال ڪري رهيا هئا انهن اهو عمل 2 کان 3 ڀيرا گهٽ ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔