پاڪستان سپر ليگ: پشاور زلمي هٿان ملتان سلطانز کي شڪست

ڪراچي : پاڪستان سپر ليگ جي پنجين ميچ ۾ پشاور زلمي ملتان سلطانز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پشاور زلمي ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ملتان سلطانز مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 193 رنسون ٺاهيون.
ملتان طرفان جيمز ونس 84 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان محمد رضوان 41 ۽ صهيب مقصود 36 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
پشاور زلمي طرفان ثاقب محمود 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد عمران ۽ محمد عرفان جي حصي ۾ هڪ – هڪ وڪيٽ آئي.
جواب ۾ پشاور زلمي گهربل هدف 19 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
فاتح ٽيم طرفان ٽام ڪولر ڪيڊمور 53، امام الحق 48، ڪامران اڪمل 37، حيدر علي 24 رنسون ٺاهيون.
ملتان طرفان شاهنواز ڏاهاڻي 2 وڪيٽون وٺي سڀ کان ڪامياب بالر رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔