افغان عملدارن سان خوشگوار موڊ ۾ ملاقات ٿي: افغان طالبان جو ترجمان

دوحا:قطر ۾ طالبان سياسي دفتر جي ترجمان محمد نعيم چيو آهي ته گذريل ڏينهن دوحا ۾ طالبان ۽ افغان عملدارن وچ ۾ خوشگوار موڊ ۾ ملاقات ٿي.
گذريل مهيني قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ افغان ڌرين ۾ ڳالهيون اوچتو ختم ٿي ويون هيون جنهن کانپوءِ ڌرين ۾ هي ملاقات جو پهريون موقعو آهي.
طالبان جي ترجمان محمد نعيم جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن دوحا ۾ ڳالهين دوران ڌرين ۾ خوشگوار موڊ ۾ ملاقات ٿي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ڳالهيون جاري رکڻ ۽ ايجنڊا سيٽ ڪرڻ تي زور ڏنو ويو، هن وڌيڪ ڪي به تفصيل جاري نه ڪيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔