ڊسڪا جي عوام ن ليگ کي تاريخي شڪست ڏني: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور: تحريڪ انصاف اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ن ليگ اليڪشن بدران سدائين سليڪشن تي ڌيان ڏنو، ڊسڪا جي عوام ن ليگ کي تاريخي شڪست ڏني. صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيرآباد، نوشهرا ۾ ن ليگ کي اليڪشن صاف شفاف نظر آئي، ڊسڪا ۾ هارائڻ تي ن ليگ کي ڌانڌلي لڳي، ڏوهارين جي پٺڀرائي باوجود ن ليگ کي ڊسڪا ۾ شڪست ملي. هن چيو ته مريم نواز ڊسڪا ۾ ڪاميابي جو ٽوئيٽ ڪيو ۽ ڌانڌلي جو ذڪر ئي نه ڪيو، ڊسڪا شهر مان گادي نشيني ۽ جان نشيني جي سياست جو جنازو نڪري ويو، انهن ۾ ظرف آهي نه اخلاقي همت، ڊسڪا چونڊن ن ليگ جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔