ٻارن کي جسماني سزا روڪڻ بابت بل قومي اسيمبلي ۾ منظور

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ ٻارن کي جسماني سزا روڪڻ جا حڪم واضح ڪرڻ جو بل قومي اسيمبلي ۾ منظور ڪيو ويو. ن ليگ ميمبر مهناز اڪبر عزيز بل ايوان ۾ پيش ڪيو، ان حوالي سان انساني حقن جي وزير شيرين مزاري چيو ته اسان کي بل تي ڪو اعتراض ناهي. بل ۾ حڪومت طرفان پيش ڪيل ترميمون به شامل ڪيون ويون. شيرين مزاري چيو ته ان ترميم جو فائدو اهو ٿيندو ته شڪايت عدالت ۾ داخل ڪري سگهبي، اڳ ۾ بل ۾ چيو ويو هو ته شڪايت حڪومت جي قائم ڪيل ڪميٽي ۾ ڪري سگهبي، بل ۾ ترميم ڪئي آهي، شڪايت سڌي ريت عدالت ۾ ڪري سگهبي. ان حوالي سان ناليواري گلوڪار ۽ سماجي ڪارڪن شهزاد راءِ جو چوڻ آهي ته سٺي ڳالهه آهي ته بل کي حڪومت ۽ اپوزيشن گڏجي منظور ڪرايو، ٻه ڏينهن اڳ اسد قيصر ۽ شيرين مزاري سان ملاقات به ڪئي هئي، ٻار کي سڀ کان اڳ ۾ مارڪٽ گهر ۾ ٿيندي آهي، گهر کانپوءِ اسڪول ۾ ٻار کي مارڪٽ ٿيندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔