اين اي 75 ۾ ڌانڌلي نه ڌانڌلو ڪيو ويو، ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي: خواجا سعد رفيق

اسلام آباد: ن ليگ مطالبو ڪيو آهي ته 20 پولنگ اسٽيشنز نه سڄي اين اي 75 ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي. خواجا سعد رفيق پارٽي اڳواڻن سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊسڪا ۾ چونڊ ضابطن جي کليل ڀڃڪڙي ٿي، پنجاب حڪومت ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهي ته 20 پريزائيڊنگ آفيسر ڪاڏي ويا، اين اي 75 ۾ ڌانڌلي نه ڌانڌلو ڪيو ويو. هن چيو ته فائرنگ ڪري ووٽرن ۾ خوف هراس پيدا ڪيو ويو، جنهن سبب ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو، تحريڪ انصاف ڪا ننڍي چونڊ ناهي کٽي، هيءَ حڪومت عادي ووٽ چور آهي، حڪومت جو هڪ ئي ڪم مخالفن کي ٽارگيٽ ڪرڻ آهي. خرم دستگير چيو ته پولنگ جو عمل سست ڪري عوام کان ووٽنگ جو حق کسيو ويو، ڊسڪا جي گهٽين ۽ روڊن تي فائرنگ ڪئي وئي، اين اي 75 جا ووٽر پاڪستاني شهري آهن ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ انهن جو حق آهي. احسن اقبال چيو ته ووٽ چورائڻ قتل کان وڏو ڏوهه ۽ آئين سان غداري آهي، اميد ته اليڪشن ڪميشن ڊسڪا چونڊ کي ٽيسٽ ڪيس بڻائيندي ملوث اهلڪارن کي عبرت جو نشان بڻائيندي، شفاف جي سڄي تڪ ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي. شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت پاڻ اليڪشن چوري ڪرڻ ۾ ملوث آهي، اليڪشن ڪميشن پاڻ چئي رهي آهي ته تڪ ۾ ڌانڌلي ٿي، حڪومتي سازش وائکي ٿي وئي، هاڻ اهي ماڻهو منهن لڪايو پيا وتن، اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي ڪئميرائن سامهون ٿيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔