سي پيڪ ذريعي اقتصادي رابطا سريلنڪا تائين وڌائي سگهجن ٿا: وزيراعظم

ڪولمبو: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا دهشتگردي جهڙن مسئلن کي منهن ڏنو آهي. سريلنڪن هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته منهنجو هي دورو ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ آهي، پاڪستان چين جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو حصو آهي ۽ سي پيڪ ان جو اهم ترين پروگرام آهي، جيڪو علائقائي رابطن کي هٿي جا نوان رستا کوليندو. هن چيو ته سي پيڪ ذريعي اقتصادي رابطا وچ ايشيا ۽ سريلنڪا تائين وڌائي سگهجن ٿا، سريلنڪا کي دعوت ڏيان ٿو ته پاڪستان ذريعي پنهنجي اقتصادي علائقائي رابطن کي هٿي ڏئي. سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن دهشتگردي جهڙن مسئلن کي منهن ڏنو، پاڪستان 10 سال بدترين دهشتگردي جو شڪار رهيو ۽ 70 هزار جانين جي قرباني ڏني، سريلنڪا 30 سالن تائين دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان ان جي مدد ڪئي. عمران خان موجب هاڻ اسان ڪورونا صورتحال ۾ هڪ ٻئي مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ڄاڻان ٿو ته سريلنڪا به سياحت تي ڀاڙيندڙ ملڪن جيان ان وبا سان متاثر ٿيو آهي، ڪورونا وائرس دنيا ۾ عدم برابري کي واضح ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري گڏيل قومن جهڙي عالمي تنظيمن کي اڳتي وڌي غريب ملڪن جو خيال رکڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔