حليم عادل شيخ سان جيل اندر رويو برداشت جوڳو ناهي: شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي سرڪار ڪراچي ۾ گرفتار ٿيل اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته حليم عادل شيخ جي گرفتاري واري معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿاري ويندو، جيل ۾ کيس دهشتگردن سان گڏ رکيو ويو، جيل ۾ ساڻس اختيار ڪيل رويو برداشت جوڳو نه آهي، سنڌ سرڪار پ پ خلاف آواز اٿارڻ تي حليم عادل شيخ کي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي، وزير اعظم عمران خان جو گورنر سنڌ عمران اسماعيل سان فون تي رابطو، حليم عادل شيخ جي گرفتاري ۽ تشدد مامري تي تفصيل ورتا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔