سنڌ ۾ ٽن سالن بعد استادن جي بدلين ۽ مقررين تان پابندي ختم

ڪراچي: سنڌڪابينا استادن جي بدلين ۽ پوسٽنگ پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي، نئين تعليمي سال کان استادن جي بدلي تي پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ان حوالي سان ٽرانسفر، پوسٽنگ پاليسي استاد، شاگردن جي تعداد جي بنياد تي تعليم کاتو ڪندو. ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ تعليم کاتي پاران ٻڌايو ويو ته فيميل ٽيچرز جي پوسٽنگ ان جي گهر جي ويجهو کي ترجيح ڏني ويندي، ڪنهن به اسڪول کان استاد جي رٽائرمنٽ جي صورت ۾ ٻئي اسڪول مان استاد جي بدلي ڪئي ويندي، بدلي ڪيس ويڊ لاڪ پاليسيم بيوهه يا بيمار استاد جي بدلي درخواست کي به ترجيح ڏني ويندي. اسڪول ايجوڪيشن کاتو استادن جي بدلي مارچ ۾ نوٽيفائي ڪندو، استاد پنهنجي بدلي لاءِ جنوري جي ٻئي هفتي ۾ اي اپليڪيشن ٽائل ڪندو، اي اپليڪيشن جي جاچ پڙتال ٿيندي ۽ تعليمي سال شروع ٿيڻ کان اڳ بدلي ٿي ويندي. سنڌ ڪابينا تعليمي سال دوران استادن جي بدلي تي پابندي مڙهي ڇڏي، اجلاس ۾ ٻڌيو ويو ته استادن جي ڳوٺن کان شهري علائقن ۾ به بدلي ڪرڻ تي 2018 کان پابندي آهي، پابندي جي ڪري ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آهن، اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته بدلين تي پابندي جي ڪري اسڪول بند رهيا جنهن دوران ڪيترائي استاد رٽائرڊ به ٿي ويا. فيميل ٽيچرز جي شادي جي ڪري به ٽرانسفر جون درخواستون به التوا هيٺ آهن، جڏهن ته بدلين تي پابندي ڪري اسڪول کولڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. استادن جي بدلين تي پابندي جي ڪري پرائمري اسڪولن ۾ 30 ٻارڙن لاءِ هڪ استاد کي برقرار رکڻ به ڏکيو ٿي ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔