پرويز رشيد جي آر او جي فيصلي خلاف اپيل رد، سينيٽ چونڊن لاءِ نااهلي برقرار

لاهور: لاهور جَي اليڪشن ٽربيونل نون ليگ اڳواڻ پرويز رشيد کي سينيٽ چونڊن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو: پرويز رشيد جِي نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ بابت رٽرننگ آفيسر جَي فيصلي خلاف اپيل رد: پرويز رشيد چيو آهي ته مونکي خبر آهي ته منهنجو ڏوهه ڪجهه پيو آهي، سزا ڪنهن ٻِي ڳالهه تي ڏياري پئي وڃي، سينيٽر ٿيان يا نه، پر اڄ انڌير نگري کي وائکو ڪري ڇڏيو: سنڌ جي اليڪشن ٽربيونل، پي ٽي آءِ جَي سينيٽ اميدوار فيصل واوڊا جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي، فيصل واوڊا کي سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جِي اجازت: پيپلز پارٽي جَي قادر خان مندوخيل فيصل واوڊا کي نااهل قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪرائي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔