نواز ليگ 20 پولنگز تي ٻيهر پولنگ واري موقف تان ڦري وئي: فواد چوڌري

اسلام آباد: تحريڪ انصاف ڊسڪه ۾ ٻيهر چونڊن جَي مطالبي کي نون ليگ جو يوٽرن قرار ڏئي ڇڏيو: وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز ليگ 20 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ واري موقف تان ڦري وئي، هاڻي اليڪشن ڪميشن ڄاڻي، نواز ليگ ڄاڻي، اليڪشن ڪميشن نتيجا ڪرڻ جي پابند آهي، عثمان ڊار چيو ته اسان وزيراعظم جي حڪم تي نواز ليگ جي اعتراضن کي تسليم ڪيو، اليڪشن ڪميشن 20 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ لاءِ اڄ ئي نوٽيفڪيشن جاري ڪري، نواز ليگ بعد ۾ پنهنجا اعتراض داخل ڪري سگهي ٿي، اليڪشن ڪميشن تي اعتماد آهي، ڊسڪه جي عوام جي فيصلي جو ڀرپور دفاع ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔