ڊسڪا بابت اليڪشن ڪميشن اهڙو فيصلو ڏئي جو مثال بڻجي وڃي: نون ليگ

اسلام آباد: آر او طرفان پيش ڪيل 14 فارمز ۾ ردوبدل ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن آڏو آر اعتراف ڪيو ته پي ٽي آءِ جي اثر وارن علائقن ۾ پولنگ عملو اغوا ٿيو هو، هاڻي وري پي ٽي آءِ اُميدوار چوي ٿو ته اليڪشن ڪميشن ڦيرڦار ٿيل نتيجن کي تسليم ڪري، نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته سموري قوم جون نظرون اليڪشن ڪميشن تي آهي، اليڪشن ڪميشن اهڙو فيصلو ڏئي جو هر اليڪشن لاءِ مثال بڻجي وڃي، پي ٽي آءِ پولنگ کي تڪراري بڻائڻ لاءِ سازش ڪئي هئي، نواز ليگ اُميدوار نوشين افتخار چيو آهي ته چونڊن دوران امن امان تي ڌيان ڏيڻ بدران پولنگ کي سست ڪرڻ جي ڪم ۾ لڳي وئي، پوليس سندس چادر ڇڪي ۽ ڏنڊا به هنيا، ڊي ايس پي گولي هڻن جي ڌمڪي ڏني هئي، اُميد آهي ته اين اي 75 جي ووٽرز جي جنگ ۾ ڪاميابي ملندي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔