ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ وڌيڪ 41 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد:  سموري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس  سبب هڪ ڏينهن دوران 41 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا.

نينشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 33 هزار 978 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن بعد گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 87 لک 52 هزار 533 ٿي ويو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ هزار 050 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 5 لک 73 هزار 304 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 56 هزار 445، پنجاب ۾ هڪ لک 65 هزار 340، خيبرپختونخواهه ۾ 71 هزار 148، اسلام آباد ۾ 43 هزار 623، بلوچستان ۾ 10 هزار 993، آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 876 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 951 مريضن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 24 هزار 483 ٿي ويو آهي جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 41 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ گڏيل طور تي 12 هزار 658 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ 752 مريص صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ هاڻ صحتياب ٿيندڙ مريصن جو انگ 5 لک 36 هزار 243 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔