وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا روانو ٿي ويو

اسلام اباد: وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا روانو ٿي ويو آهي.

وزيراعظم عمران خان سان سريلنڪا جي دوري دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص معاون ذوالفقار عباس بخاري به گڏ آهن. عهدو سنڀالڻ کان پوءِ وزيراعظم عمران خان جو هي پهريون سريلنڪا جو دورو آهي.

وزيراعظم سريلنڪا پهچڻ کان پوءِ اڄ پنهنجي سريلنڪن هم منصب سان ملاقات ڪندو ۽ ان سان  ملاقات کان پوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

عمران خان پنهنجي سريلنڪن هم منصب سان گڏيل پريس ڪانفرنس به ڪندو. جڏهن ته سريلنڪن هم منصب سڀاڻي اربع ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي مان ۾  مانجهاندو ڏيندو.

وزيراعظم سڀاڻي سريلنڪن صدر سان به ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻطرفن معاملن ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔