سنڌ ڪابينا ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي کي آئل پام وڻ پوکڻ لاءِ 300 ايڪڙ زمين ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي : سنڌ ڪابينا ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي کي آئل پام وڻ پوکڻ لاءِ 300 ايڪڙ زمين ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سي ڊي اي طرفان زمين حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابينا کي درخواست ڏني وئي هئي، ڪابينا اجلاس کي بريفنگ دوران چيو ويو آهي ته سي ڊي اي کي گهوڙا ٻاري تعلقي ۾ حيات گُل ۽ ڪاٺوڙ  جي ساحلي پٽي تي 300 ايڪڙ زمين ڏني ويندي، هڪ ايڪڙ زمين تي 60 آئل پام وڻ پوکي سگهجن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔