سنڌ ڪابينا سولر ٽيوب ويلز ۽ زرعي اوزارن جِي مد ۾ سبسڊي جِي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينا سولر ٽيوب ويلز ۽ زرعي اوزارن جِي مد ۾ سبسڊي جِي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس دوران وڏي وزير طرفان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪولڊ اسٽوريج ٺاهڻ جِي هدايت، زراعت کاتي کي لينڊ ليولَرس ۽ ٻيا زرعي اوزار خريد ڪرڻ لاءِ اسڪيم جوڙڻ جِي به هدايت، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته حڪومت رڳو ننڍن آبادگارن کي سبسڊي ڏيندي، زرعي شعبي ۾ سولر ٽيوب ويلز جِي وڏي ڊمانڊ آهي، اُن تي سبسڊي ڏيڻ گهرجي، ڪابينا ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون لاءِ 7 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جِي به منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا جو چوڻ آهي ته 5 ايڪڙ زمين تي اين ٽي ڊي سي طرفان 220 ڪي وي جي گريڊ اسٽيشن تيار ڪئي ويندي، اين ٽي ڊي سي کي اها زمين مارڪيٽ اگهه تي ڏني ويندي، نوابشاهه ايجوڪيشن بورڊ لاءِ گاڏيون خريد ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔