ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جو جناح اسپتال ۾ علاج جاري آهي ، اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم حليم عادل شيخ جو طبي معائنو ڪيو، حليم عادل شيخ جي طبي معائني بعد ڊاڪٽرن سندس کاٻي ڄنگهه جو ٻيهر ايڪسري ڪيو، کاٻي ڄنگهه ۾ حليم عادل شيخ کي لوهي پليٽ لڳل آهي، جنهن تي سوڄ آهي.