روس ۾ نئين برڊ فلو مان ست ڄڻا متاثر

ماسڪو: روس ۾ نئين برڊ فلو(ايڇ 5 اين 6) مان ست انسان متاثر ٿيا آهن ۽ روسي اختيارين ان باري ۾ صحت جي عالمي اداري کي به اطلاع ڏني آهي.تفصيل موجب تازو ڪجهه مهينن کان ايڇ 5 اين 6 برڊ فلو جي وبا سبب روس، يورپ چين، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا سميت ڪيترن ئي علائقن جون ڪڪڙيون ۽ بدڪون سخت متاثر ٿيون آهن پر اهو پهريون موقعو آهي ته جڏهن هن وائرس انسانن کي به متاثر ڪرڻ شروع ڪيو آهي. واضح رهي ته ڪورونا وائرس جيان برڊ فلو يا ايونن انفلوئنزا وائرس جون به ڪيتريون ئي قسمون آهن البته انهن مان صرف ڪجهه ئي انسانن ۾ بيماري ۽ وبائن جو سبب بڻجي چڪي آهي.ياد رهي ته 1918ع ۾ ڪروڙين انساني حياتيون کسيندڙ عالمي(اسپيشن فلو) جو سبب به هڪ ايڇ آءِ اين آءِ وائرس ئي هو جيڪو 2009 ۾ تبديلي کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر سوائن فلو جي عالمي وبا جو سبب بڻيو. پر اسپينش فلو جي مقابلي ۾ سوائن فلو سبب فوتگيون ڪافي گهٽ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔