سينيٽ چونڊون: تحريڪ انصاف اڳواڻ سيف الله ابڙو جا نامزدگي ڪاغذ رد

اسلام آباد: اليڪشن ٽريبونل سينيٽ چونڊن لاءِ سنڌ مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار جا چونڊ ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا آهن.

سيف الله ابڙو خلاف غلام مصطفيٰ ميمڻ اپيل داخل ڪئي هئي،ٽريبونل قرار ڏنو ته سيف الله ابڙو سينيٽ جي ٽيڪنوڪريٽ سيٽ جي لاءِ اهل ناهي. پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ مان جنرل سيٽ تي فيصل واودا ۽ ٽيڪنو ڪريٽ سيٽ تي سيف الله ابڙو کي اميدوار نامزد ڪيو هو.

ٽربيونل چيو ته تحريڪ انصاف اميدوار جي خلاف اپيل ۾ لڳايل اعتراص صحيح ثابت ٿيا آهن ۽ سيف الله ابڙو ٽيڪنو ڪريت جي معيار تي پورو نٿو لهي. سيف الله ابڙو جي خلاف اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته تحريڪ اميدوار اميدوار نامزدگي ڪاغذ ۾ اثاثا لڪايا، سيف الله ابڙو جي اثاثن ۾ اوچتو تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي.

داخل درخواست جي متن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ريٽرننگ آفيسر ٻڌڻ کان سواءِ سيف الله جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔