ڊسڪا اليڪشن ۾ مارجي ويل پي ٽي آءِ ڪارڪن جي مالي مدد جو اعلان

ڊسڪا: پنجاب حڪومت اين اي 75 ڊسڪا ۾ پولنگ دوران مارجي ويل پي ٽي آءِ ڪارڪن جي وارثن لاءِ مالي مدد جو اعلان ڪيو.

وفاقي وزير شبلي فراز، فواد چوڌري ۽ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ اين اي 75 ڊسڪا ۾ پولنگ دوران قتل ٿي ويل پي ٽي آءِ ڪارڪن جي گهر وڃي ان جي ڪٽنب سان تعزيت ڪئي.

هنن ان موقعي تي پنجاب حڪومت پاران 10 لک روپيا مالي امداد ۽ سرڪاري نوڪري جو اعلان ڪيو.

ياد رهي ته ڊسڪا ۾ 19 فيبروري تي ننڍي چونڊ دوران گوئيندي والا پولنگ اسٽيشن تي(ن) ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو هو ۽ ٻنهي ڌرين طرفان فائرنگ ڪئي وئي.

فائرنگ جي نتيجي ۾ مسلم ليگ(ن) جو ڪارڪن ذيشان ۽ پي ٽي آءِ جو ماجد مارجي ويا هئا. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔