ٿرپارڪر جي قومي تڪ اين اي 221 تي ننڍي چونڊ ۾ پ پ اُميدوار ڪامياب قرار

مٺي : ٿرپارڪر جي قومي تڪ اين اي 221 تي ننڍي چونڊ ۾ پ پ اُميدوار امير علي شاهه جيلاني هڪ لک 2 هزار 232 ووٽس تي ڪامياب قرار، مٺي جي رٽرننگ آفيسر چونڊ نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جو گڏيل اميدوار نظام الدين راهمون 52 هزار 552 ووٽ کڻي سگهيو، نتيجن موجب تڪ تي هڪ لک 24 هزار 801 مان 78 هزار 61 عورتن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، اين اي 221 تي ننڍي چونڊ دوران ووٽن جي شرح 58 سيڪڙو رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔