پي ايس ايل سڪس: لاهور قلندرز ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز اڄ مهاڏو اٽڪائيندا

ڪراچي: پاڪستان سپرليگ(پي ايس ايل 6) ۾ اڄ شوقينن کي هڪ ئي ميچ ڏسڻ لاءِ ملندو.

پي ايس ايل سڪس جي اڄوڪي ميچ ۾ لاهور قلندرز ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز مهاڏو اٽڪائيندا. ميچ شام جو 7 وڳي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.

گذريل ڏينهن پي ايس ايل 2 جا ميچ کيڏيا ويا هئا. جنهن ۾ پهريون ميچ لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي جي وچ ۾ کيڏيو ويو جڏهن ته ٻيون ميچ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ملتان سلطان جي وچ ۾ ٿيو هو.

پي ايس ايل سڪس جي ٻئين ميچ ۾ لاهور قلندر پشاور زلمي کي 4 وڪيتن تان شڪست ڏئي ڇڏي هئي. پشاورزلمي طرفان ڏنل 141 رنسن جو حدف لاهور قلندرز 16هين اوورز ۾ ڇهه وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو هو.

لاهور قلندرز پشاور زلمي کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏني جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽيڊ ملتان سلطانز کي 3 وڪيتن تان شڪست ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔