ڪراچي جي يونيورسٽي روڊ تي خوفناڪ حادثو، 4ڪار سوار ٿڏي تي ئي فوت

ڪراچي : ڪراچي جي يونيورسٽي روڊ تي خوفناڪ حادثي ۾ چار ڪار سوار ٿڏي تي  ئي فوت ٿي ويا. يونيورسٽي روڊ تي تيز رفتار ڪار فٽ پاٿ سان ٽڪرائجڻ بعد ڪلٽي ٽي پئي جنهن جي نتيجي ۾ چارئي ڪار سوار فوت ٿي ويا.اطلاع تي پوليس ۽ امداد ٽيمن پهچي فوتين جا مڙهه عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا جتي فوتين جي سڃاڻپ رميز ، روحان ، تيمور ۽ غالب طور ٿي . پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو چارئي ڪار سوار موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔