ايف اي ٽي ايف جو اجلاس اڄ کان شروع ٿيندو

پيرس: فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس(ايف  اي ٽي ايف) جو ٽن ڏينهن وارو ورچوئل اجلاس اڄ کان شروع ٿيندو. جنهن ۾ مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسنگ جي خلاف پاڪستان جي قدمن جو جائزو ورتو ويندو.

اجلاس  کان اڳ ايف اي ٽي ايف سمورن ملڪن جي گڏيل ڪارڪردگي کي اپڊيٽ ڪيو آهي. پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ، گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ يا گري لسٽ مان ڪڍڻ سميت سمورن آپشنز تي ڳالهيون ٿينديون.

پاڪستان مني لانڊرنگ جي روڪٿام ۽ دهشتگردي جي مالي مدد کي روڪڻ جي لاءِ قدمن ۾ وڌيڪ بهتري ڏيکاري آهي. پاڪستان بابت فيصلو 27 نڪتن تي ٻڌل ايڪشن پلان جي بنياد تي ڪيو ويندو. گذريل سال آڪتوبر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

گذريل اجلاس جي نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان سمورن ايڪشن پوائنٽس تي اڳڀرائي ڏيکاري آهي پاڪستان 27 مان 21 نڪتن تي عمل ڪيو آهي. ايف اي ٽي ايف  پاڪستان کي فيبروري 2021 تائن گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ باقي 6 نڪتن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

پاڪستان جون 2018 کان ايف ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ آهي جڏهن ته ڀارت ۽ ان جي اتحادين جي ڪوشش رهي آهي ته پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔