سينيٽ چونڊون: پ پ اميدوار پلوشه خان جي خلاف داخل ڪيل اپيل رد

ڪراچي: اليڪشن ٽربيونل سينيٽ چونڊن جي لاءِ پيپلز پارٽي جي اميدوار پلوشه خان جي خلاف داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل سينيٽ چونڊن جي لاءِ پيپلز پارٽي جي اميدوار پلوشه خان جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. سنڌ انڊس لائرز فورم پلوشه خان جا نامزدگي ڪاغذ چيلنج ڪيا هئا. ۽ درخواست ۾ پلوشه خان جي ووٽ کي چڪوال کان ڪراچي منتقلي سميت ٻين ڪاغذن کي چيلنج ڪيو ويو هو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته پلوشه خان جو تعلق سنڌ سان ناهي هو چڪوال جي آهي ۽ هن 11 جنوري تي سنڌ مان پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايو.

اليڪشن ٽربيونل ٻڌڻي کان پوءِ پلوشه خان جي خلاف داخل اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ کيس سنڌ مان سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ اهل قرار ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔