سينيٽ چونڊون: ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي نااهل قرار

ڪراچي: اليڪشن ٽربيونل ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ رئوف صديقي کي سينيٽ چونڊون وڙهڻ جي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

اليڪشن ٽربيونل ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي جي خلاف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ رئوف صديقي جي اپيل رد ڪري ڇڏي. رئوف صديقي جي وڪيل اليڪشن ٽربيونل کي مطمئن نه ڪري سگهيو جنهن سبب اليڪشن ٽربيونل  ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو برقرار رکيو. ياد رهي ته آر او رئوف صديقي جي سينيٽ چونڊ جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا هئا.

ريٽرننگ آفيسر جو اعتراض هو ته رئوف صديقي جي تعليم 16 سالن جي نه آهي. جڏهن ته رئوف صديقي ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو. ان کان علاوه اليڪشن ٽربيونل سينيٽ چونڊن جي لاءِ ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽ تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي خضر زيدي جي اپيل به رد ڪري ڇڏي ۽ نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو برقرار رکيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔