اتر وزيرستان ۾ اين جي او گاڏي مٿان فائرنگ: 4 سماجي ورڪر عورتون مارجي ويون

پشاور: اتر وزيرستان جي تعلقي شيواهه ۾ گاڏي مٿان فائرنگ سبب 4 عورتون مارجي ويون.

ذريعن موجب واقعو ٽنڊي جي علائقي ۾ پيش آيو جتي نامعلوم ماڻهن گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن کان پوءِ گاڏي ۾ سوار 8 ڄڻن کي اغوا ڪري کڻي ويا. پوليس موجب فائرنگ ايپي ڳوٺ جي ويجهو اين جي او جي گاڏي تي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 عورتون مارجي ويون آهن جڏهن ته گاڏي جو ڊرائيور به سخت زخمي ٿي پيو آهي.

پوليس جو ان حوالي سان وڌيڪ چوڻ آهي ته فائرنگ سبب مارجي ويل چارئي عورتون سماجي  ڪارڪن هيون. لاشن ۽ زخمي ڊرائيور کي تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتال مير علي منتقل ڪيو ويو آهي. 

ايس پي انويسٽيگيشن اتر وزيرستان موجب مغوين  جي بازيابي جي لاءِ پوليس ۽ ايف سي جو سرچ آپريشن جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔