سينيٽ چونڊون: پرويز رشيد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور

لاهور: اليڪشن ٽربيونل سينيٽ چونڊن جي لاءِ(ن) ليگ جي اڳواڻ پرويز رشيد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جي خلاف اپيل ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي ۽ پنجاب هائوس جي ذميوار آفيسر کي سڀاڻي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو.

اليڪشن ٽربيونل ۾ پرويز رشيد جي ريٽرننگ آفيسر جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي ٿي.  پرويز رشيد جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ ٻڌايو ته ريٽرننگ آفيسر پرويز رشيد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا. پرويز رشيد کي پنجاب هائوس طرفان واجبات ادا ڪرڻ لاءِ فوٽو ڪاپي نوٽيس جاري ڪيا ويا.

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پرويز رشيد واجبات ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر واجبات وصول نه ڪيا ويا. جنهن تي جسٽس شاهد وحيد چيو ته پرويز رشيد مقرر وقت تي رقم جمع ڇو نه ڪرائي. وڪيل اعظم نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن تحت اها رقم ڪنهن به وقت جمع ڪرائي سگهجي ٿي. 28 ڪلاڪ پئسا کڻي گهمندا رهياسين ڪنهن به رقم وصول نه ڪئي. جسٽس شاهد وحيد چيو ته پرويز رشيد جڏهن پنجاب هائوس مان چيڪ آئوٽ ڪيو تڏهن ئي اها رقم جمع ڪرائڻ گهرجي ها. 

ان موقعي تي پرويز رشيد پنهنجي موقف ۾ چيو ته پنجاب هائوس مان 2019 ۾ واجب الادا رقم جو ڪوبه نوٽيس ناهي مليو. جڏهن ته واجب الادا رقم جي ادائيگي لاءِ ريٽرننگ آفيسر کي درخواست ڏني پر اها رد ڪئي وئي. ريٽرنگ آفيسر کي ڪراس چيڪ ذريعي رقم جي ادائيگي جو به يقين ڏياريو ويو پر منهنجو موقف نه مڃيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔