آپريشن رد الفساد: سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جو خاتمو ڪري ڇڏيو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

اسلام آباد: پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابرافتخار چيو آهي ته آپريشن رد الفساد کي چار سال پورا ٿي ويا، اڄ هر پاڪستاني آپريشن رد الفساد جو حصو آهي ،آپريشن رد الفساد جو مقصد ملڪ ۾ امن جو قيام هو ، آپريشن رد الفساد جو دائرو پوري ملڪ تي ٻڌل هو. هر پاڪستاني رد الفساد جوسپاهي آهي .

ان آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جو خاتمو ڪري ڇڏيو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار آپريشن رد الفساد بابت پريس بريفنگ ۾ چيو ته دهشتگردن خلاف پاڪ فوج آپريشنز ڪيا ، 22 فيبروري 2017 تي آرمي چيف جي اڳواڻي ۾ آپريشن رد الفساد جي شروعات ڪئي وئي.

ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته آپريشن رد الفساد جو مقصد عوام جو رياست تي اعتماد بحال ڪرڻ هو ، آپريشن رد الفساد جو محور عوام هو ، آپريشن جو دائرو پوري ملڪ تي ٻڌل هو ، آپريشن جي حوالي سان ٽائمنگ نهايت اهم آهي .

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن رد الفساد 2 نڪاتي حڪمت عملي تحت ڪيو ويو.

دهشتگردن ملڪ جي هر علائقي ۾ پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ، آپريشن رد الفساد جو مقصد دهشتگردن کي غير موثر ڪرڻ هو.

ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته قبائلي علائقي کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو ويو. طاقت جو استعمال رڳو رياست جي صوابديد تي آهي ، سڄي ملڪ ۾ 3 لکن کان وڌيڪ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيا ويا آهن ، دهشتگردن پاڪستان ۾ زندگي مفلوج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي .

 ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 72 هزار کان وڌيڪ غير قانوني هٿيار سڄي ملڪ مان هٿ ڪيا ويا ، ڪراچي ۾ چيني قونصليٽ تي حملي کي ناڪام بڻايو ويو ، گوادر ۾ هوٽل تي حملي جي دهشتگردن کي ختم ڪيو ويو، 750 چورس ڪلوميٽر کان وڌيڪ علائقي تي رياست جي رٽ بحال ڪئي .

هن چيو ته هڪ هزار 684 ڪراس بارڊر واقعا ٿيا، آپريشن رد الفساد هيٺ خيبر آپريشن فور به ڪيو ويو ، پاڪ افغان بارڊر ڪام 84 سيڪڙومڪمل ڪيو ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔