سينيٽ چونڊون هاءِ جيڪ ڪندڙ جمهوريت تي داغ آهن: وزيراعظم

اسلام آباد: سينيٽ چونڊون هاءِ جيڪ ڪندڙ جمهوريت تي داغ آهن، اوپن ووٽنگ ئي سينيٽ ۾ هارس ٽريڊنگ روڪڻ جو واحد رستو آهي: وزير اعظم عمران خان جون پارلياماني مامرن واري صلاحڪار بابر اعواڻ سان رابطي دوران ڳالهيون: ذريعن موجب بابر اعواڻ وزير اعظم کي سنڌ اسميبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ تي تشدد بابت آگاهه ڪيو، وزير اعظم پاران حليم عادل شيخ جي گرفتاري تي ڳڻتي ظاهر: وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته حليم عادل شيخ جي گرفتاري تي قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو ويندو، جيل ۾ کيس دهشتگردن سان گڏ رکيو ويو، جيل ۾ ساڻس اختيار ڪيل رويو برداشت جوڳو نه آهي، سنڌ سرڪار پ پ خلاف آواز اٿارڻ تي حليم عادل شيخ کي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔