حليم عادل شيخ جي ڪمري ٻاهران نانگ نڪرڻ جي تصديق

ملير: ملير پوليس هٿان گرفتار اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي ڪمري ٻاهران نانگ نڪرڻ جي تصديق، جاچ ڪميٽي ۾ شامل ايس ايس پي فيصل عبدالله چاچڙ ۽ ايس ايس پي سرفراز نواز جو ايس آءِ يو جو دورو ڪري ڊي ايس پي سميت 25 ملازمن جا بيان قلمبند ڪري ورتا، ڊي ايس پي شاهنواز جاچ ٽيم کي ٻڌايو ته ٿانوَ ٽٽڻ جَي آواز تي حليم عادل وٽ پهتس ته حليم عادل ٻاهر ڀڄندي اچي ٻڌايو ته نانگ ماري ڇڏيو اٿم، رت سان رڱيل ڏنڊو ۽ مئل نانگ به پيل هو، جاچ ٽيم حليم عادل شيخ سان ملاقات ڪندڙ ماڻهن کي بيان لاءِ طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔