سٺي جمهوريت لاءِ سياسي پارٽين جو مضبوط ٿيڻ ضروري آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سينيٽ چونڊن ۾ بيلٽ پيپر سڃاڻپ جوڳو هجي ته اُن ۾ تمام گهڻا مسئلا آهن، سڀ کان وڏو مسئلو اهو عمل آئين جي آرٽيڪل 226 جي ڀڃڪڙي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران سينيٽر رضا رباني جا دليل، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته بيلٽ پيپرز پولنگ اسٽيشنز تي ئي سيل ڪيا ويندا آهن، رضا رباني چيو ته سيل ڪرڻ باوجود ڊيپ اسٽيٽ جي اُن تائين پهچ ٿي ويندي آهي، اهو توهان مون کان وڌيڪ ڄاڻو ٿا، بيلٽ پيپر سڃاڻپ جوڳو هجڻ سبب هڪ نئين قسم جي بليڪ ميلنگ ۽ هارس ٽريڊنگ شروع ٿي ويندي، اسان جنهن دُنيا ۾ رهون ٿا، اُتي وڊيو ٺهڻ ۾ ڪيتري دير لڳي ٿي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته بي شڪ اسان جنهن دُنيا ۾ رهون ٿا، اها پرفيڪٽ نه آهي، پر انصاف جو مان مٿانهون هوندو آهي، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته اليڪشن مضبوط اعصابن واري ماڻهو کي وڙهڻ گهرجي، رضا رباني چيو ته هر ڪو محترم چيف جسٽس جيان مضبوط اعصابن جو مالڪ نه هوندو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔