ڪرينه ۽ سيف جي گهر ٻئي پٽ جي پيدائش

ممبئي: بالي ووڊ جي مشهور ترين اداڪار جوڙي ڪرينه ڪپور ۽ سيف علي خان جي گهر ٻئي ٻار جي پيدائش ٿي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره ڪرينه ڪپور ۽ سيف علي خان وٽ اڄ ٻئي ٻار جي پيدائش ٿي آهي پٽ جي پيدائش جي تصديق ڪرينه جي ويجهي دوست ڊزائنر منيش ملهوترا ۽ ڪرينه جي سئوٽ ردهما ڪپور طرفان ڪئي وئي آهي. ڊيزائنر منيش ملهوترا مائيڪرو بلاگنگ سائٽ تي هڪ ٽوئٽ ڪئي جنهن ۾ هن ڪرينه ۽ سيف کي ٻئي ٻار جي پيدائش تي مبارڪباد ڏني.ياد رهي ته سيف علي خان ۽ ڪرينه ڪپور جي شادي 2012 ۾ ٿي هئي ۽ ڊسمبر 2016 ۾ هنن وٽ پهرين پٽ تيمور علي خان جي پيدائش ٿي هئي.سيف علي خان جي ڪرينه سان اها ٻئي شادي آهي جڏهن ته ان جي پهرين شادي اداڪاره امريتا سنگهه سان ٿي هئي ۽ ان مان به ننڍي نواب جا 2 ٻار آهن جن مان اداڪاره ساره علي خان ۽ هڪ پٽ ابراهيم علي خان شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔