هٿوڙي سان ٽي وي ۽ شيشا ڀڃي پنهنجي ڪاوڙ ڪڍو

برازيل: اڪثر اسان کي جڏهن وڌيڪ ڪاوڙ ايندي آهي ته اسان پنهنجي ڪاوڙ ٻين تي لاهيندا آهيون ڇو ته ان وقت اسان کي سمجهه ۾ ناهي ايندو ته اسان ڇا ڪري رهيا آهيون.هاڻ هن ڪاوڙ ۽ دٻاءُ جي ڪيفيت کي پنهنجي اندر مان ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ برازيل ۾(ريج روم) قائم ڪيو ويو آهي جتي ڪوبه شخص اچي پنهنجي ڪاوڙ ڪڍي سگهي ٿو. هن ريج روم ۾ ايندڙ شخص کي هڪ وڏو هٿوڙو ڏنو ويندو آهي ۽ هتي پراڻا ٽي وي، ڪمپيوٽر، پرنٽر ۽ ٻئي مشينري ۽ شيشن جون شيون موجود هونديون آهن.42 ساله برازيلين شهري هڪ مهينو اڳ هن ڪاروبار جي شروعات ڪئي هئي. هن جو چوڻ آهي ته وبا جي دوران مون وٽ تمام گهڻا گراهڪ اچڻ شروع ٿي ويا هئا. جيڪڏهن اوهان سخت ڪاوڙ ۽ دٻاءُ ۾ اور ريج روم ۾ وڃي پنهنجي ڪاوڙ ڪڍڻ چاهيو ٿا ته هتي وڃڻ جي لاءِ اوهان کي 4.64 جي رقم ادا ڪرڻي پوندي.هن ريج روم ۾ وڃڻ کان اڳ صارف کي حفاظتي لباس، سوٽ ۽ هيلمٽ ڏنا ويندا آهن ته جيئن کيس ڪنهن به قسم جو ڌڪ نه لڳي. جڏهن ته صارفين ڀت تي پنهنجا مسئلا به لکي سگهن ٿا. ان حوالي سان ريج روم ۾ ايندڙ صارفين جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي ڪاوڙ ماڻهن ۽ گهر جي شين تي نٿا ڪڍي سگهن ته هن ريج روم مان اسان کي تمام گهڻي سهوليت ملي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔