زلمي فيملي جو حصو ٿيڻ تي فخر آهي، حليمه سلطان جو اردو ۾ پيغام

ڪراچي: ترڪ اداڪاره اسرا بلگيج عرف حليمه سلطان پي ايس ايل فرنچائز پشاور زلمي جو حصو بنجڻ ۽ ٽيم جو ساٿ ڏيڻ تي فخر جو اظهار ڪيو آهي.ترڪ ڊرامه سيريل ارطغرل غازي جي هيروئن اسرا بلگيچ پاڪستان ۾ حليمه سلطان جي نالي سان مشهور آهي، هاڻ باقاعده پاڪستان مان ليگ جي فرنچائز پشاور زلمي جو حصو بڻجي چڪي آهي.پشاور زلمي جي باني جاويد آفريدي ٻه ڏينهن اڳ ترڪ اداڪاره جي پشاور زلمي جو حصو بنجڻ جي خوشخبري ٻڌائي هئي ۽ گذريل ڏينهن زلمي جو آفيشل ترانو ڪنگڊم رليز ڪيو ويو هو جنهن ۾ ماهره خان ۽ هانيه عامر سان گڏ اسرا بلگيچ به پرفارم ڪندي نظر آئي هئي.گاني جي رليز جي ڪجهه ئي دير کان پوءِ اسرا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي هڪ خوبصورت تصوير شيئر ڪئي ۽ پشاور زلمي جي برانڊ سفير بنجڻ جو باقاعده اعلان ڪيو.هن اردو ۾ لکيو ته هاڻ مان زلمي فيملي جو حصو آهيان مون کي فخر آهي ته مان هاڻ اوهان سان گڏ ٽيم جو ساٿ ڏيندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔