قائم علي شاهه جي لاڏاڻو ڪري ويل نياڻي نجمه شاهه جي خيرپور ۾ تدفين

خيرپور: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي لاڏاڻو ڪري ويل نياڻي نجمه شاهه جي خيرپور ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني جي نياڻي ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاھ جي ڀيڻ سيدھ نجمه شاهه جي جنازي نماز جيلاني ھائوس ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ سيد قائم علي شاهه جيلاني، اسد علي شاهه جيلاني، اميد علي شاهه جيلاني، ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي، ايس ايس پي ڪرائيم برانچ سکر منصور احمد مغل ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. مرحومه نجمه شاهه جو مڙهه اباڻي قبرستان جيلاني ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جيلاني ڪٽنب سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔