اسد قيصر پاران صدارتي آرڊينسز سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر صدارتي آرڊينسز سومر ڏينهن ايوان ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزير اعظم ۽ن ليگ جي سينئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي اجلاس شروع ٿيو ته پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته قومي اسيمبلي سيشن ۾ نه هجڻ جي صورت ۾ جاري ڪيل آرڊيننس اجلاس شروع ٿيندي ئي ايوان ۾ پيش ڪرڻ ضروري آهن،حڪومت قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، حڪومت پابند آهي ته ترت آرڊيننس ايوان ۾ پيش ڪري،پارلياماني معاملن جي صلاحڪار بابر اعواڻ چيو ته حڪومت کي ڪوبه آرڊيننس مدو ختم ٿيڻ کان اڳ ايوان ۾ آڻڻ ضروري هوندو آهي۔

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔