آصف زرداري جو مولانا فضل الرحمان سان رابطو، سينيٽ چونڊن تي ڳالهيون

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف زرداري پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري سينيٽ جي چونڊن،لانگ مارچ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن مطابق ٻنهي اڳواڻن ۾ سينيٽ جي چونڊ ، لانگ مارچ جي طريقئڪار سميت مختلف سياسي معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا. آصف زرداري اسلام آباد مان اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ چونڊ بابت ڳالهه ٻولهه ڳالهه ٻولهه ڪئي،ان حوالي سان گڏيل حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو ويو. واضح رهي ته يوسف رضا گيلاني جو مقابلو ناڻي جي وفاقي وزير حفيظ شيخ سان ٿيندو،اڳوڻو وزير اعظم پي ڊي ايم جو گڏيل اميدوار آهي، جنهن جي ن ليگ سميت سموريون پارٽيون حمايت ڪري رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔