بجلي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 92 پئسا في يونٽ اضافي جو امڪان

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پاران بجلي جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 92 پئسا في يونٽ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ذريعن مطابق سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ لاءِ نيپرا کي درخواست ڏئي ڇڏي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪيو وڃي. ذريعن ٻڌايو ته نيپرا قيمتن ۾ واڌ بابت درخواست تي 25 فيبروري تي ٻڌڻي ڪندي،92 پئسا في يونٽ اضافي سان بجلي صارفين تي 9 ارب رپين جو اضافي ٻوجهه پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔