سنڌ حڪومت حليم عادل شيخ کي مارڻ چاهي ٿي: خرم شير زمان

ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻن حليم عادل شيخ جي ڪمري مان نانگ نڪرڻ واري معاملي جي مذمت ڪئي آهي، خرم شير زمان چيو آهي ته حليم عادل شيخ خلاف ملير جي چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف آواز اٿارڻ تي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي ، فيصل واوڊا چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي سياسي انتقام کان پاسو ڪرڻ گهرجي، حليم عادل شيخ کي ڪجهه به ٿي ها ته ڪيترائي ماڻهو ڦاهي تي چڙهي وڃن ها. حليم عادل شيخ سان ملاقات لاءِ اي ٽي سي پهتل پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا چيو ته سنڌ حڪومت مخالف ڌر سان ناانصافي ڪري رهي آهي، حليم عادل شيخ جي ڪمري مان نانگ هٿ اچڻ جي ذميواري سنڌ حڪومت آهي. فيصل واوڊا چيو ته جيڏهن حليم عادل شيخ کي ڪجهه به ٿئي ها ته ڪيترائي ماڻهو پاهي تي چڙهي وڃن ها. پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان چيو ته سنڌ حڪومت حليم عادل شيخ کي مارڻ چاهي ٿي، حليم عادل شيخ کي ملير جي ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلين خلاف آواز اٿارڻ تي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. خرم شير زمان چيو ته حليم عادل شيخ جي هڪ ٻن ڏينهن ۾ ضمانت ٿي ويندي، سنڌ حڪومت جيڪو وڻي ڀلي ڪري عمران خان جا ورڪر آهيون ، هر مشڪل کي منهن ڏئي سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔